حلفي بيان ۽ آڊيو ۾ ڳالهيون خوفناڪ آهن، پتو لڳائڻ عدليا جو ڪم آهي: شاهد خاقان عباسي

ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حلفي بيان ۽ آڊيو ۾ ڳالهيون خوفناڪ آهن، اهو ڪم عدليا جو آهي ته پتو لڳائي حقيقت ڇا آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حلفي بيان جي آخر تائين پهچڻ جي ضرورت آهي، راڻا شميم حلفي بيان تان هٽي ٿو وڃي ته ان جي ڪا اهميت نه رهندي.

هن چيو دعا ڪيان ٿو ته اڳوڻي چيف جسٽس اهڙيون هدايتون نه ڏنيون هجن.

Read Previous

ڪهڙي وقت چانهه نه پيئڻ گهرجي؟ عادي ماڻهن لاءِ اهم خبر

Read Next

پاڪستان طرفان کيڏڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي ڇا چيو؟

Most Popular