شوڪت ترين گئس بحران جو ذميوار تحريڪ انصاف کي قرار ڏئي ڇڏيو

ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين حڪومت طرفان وقتائتا قدم نه کڻڻ تي ملڪ ۾ گئس بحران جو اعتراف ڪري ورتو.

هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ شوڪت ترين چيو ته حڪومت طرفان وقت تي قدم نه کڻڻ سبب ملڪ ۾ گئس جو بحران ٿيو، گئس جا جيڪي ڪارگو وٺڻ گهربا هئا اهي نه ورتا ويا، هاڻ وقت گذري ويو آهي ۽ عالمي سطح تي مهانگائي گئس ملي رهي آهي.

هن چيو ته تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ڊسمبر، جنوري ۾ عالمي سطح تي گئس اگهن ۾ گهٽتائي ايندي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

Read Previous

”ثاقب نثار ٻڌائي ته ڪنهن کيس مون کي ۽ نواز شريف کي سزا ڏيڻ تي مجبور ڪيو“

Read Next

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي جو لاش هٿ

Most Popular