ٿر ۾ ماڻهن کي جانورن جيان مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي: چيف جسٽس

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ٿر ۾ ماڻهن کي جانورن جيان مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻار فوت ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس صحت کاتي جي سيڪريٽري کي چيو ته ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، اربين رپين جا آر او پلانٽ لڳايا ويا، سڀ فيل ٿي ويا، توهان کي ڪم ناهي ڪرڻو ته ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏيو.

هن پڇاڻو ڪيو ته ٿر ۾ ٻار ڇو ٿا مرن؟ ڇا ڪنهن جاچ ڪئي آهي، ميڊيڪل آفيسرن جون 75 سيڪڙو جايون خالي آهن.

صحت سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فعال نه هجڻ سبب مقرريون نه ٿي سگهيون آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٿر ۾ ماڻهن کي جانورن جيان مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي، اسپتالن ۾ گڏهه ٻڌل آهن، بجلي جي سهولت ئي ناهي، دوائون، ايڪسري مشينون ۽ ٻيون سهولتون ته خواب آهن.

عدالت ٿر جي اسپتالن ۾ سڀني خالي جاين تي ڀرتي ڪرڻ ۽ صحت سيڪريٽري کي ٿر جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Read Previous

قومي ٽيم جو راندڙ شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻي پهتو، شاندار آڌرڀاءُ

Read Next

نوشين ڪاظمي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

Most Popular