قومي ٽيم جو راندڙ شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻي پهتو، شاندار آڌرڀاءُ

بنگلاديش خلاف ڊيبيو ميچ ۾ پهرين ئي اوور ۾ انٽرنيشنل وڪيٽ حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اباڻي شهر لاڙڪاڻي پهتو، جتي سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو.

پاڪستان سپر ليگ جي بهترين بالر ۽ تازو پاڪستان طرفان انٽرنيشنل ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو ته وارثن، شهرين ۽ مقامي ڪرڪيٽرن کيس گلن جا هار پارائي سندس شاندار آجيان ڪئي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته پاڪستان طرفان کيڏڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پهرين وڪيٽ لاڙڪاڻي جي شهرين جي نالي ڪيان ٿو، ڇو ته مان جڏهن لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته هتان جا ماڻهو شاندار طريقي سان منهنجو استقبال ڪندا آهن.

هن چيو ته جوفرا آرچر منهنجو رول ماڊل آهي، مان راند ۾ ان کي فالو ڪندو آهيان، پاڪستان طرفان ٽنهي فارميٽن ۾ کيڏي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ چاهيان ٿو.

Read Previous

ٿڌ جي شدت ۽ مرضن کان بچائيندڙ ميووا ۽ ڀاڄيون

Read Next

ٿر ۾ ماڻهن کي جانورن جيان مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي: چيف جسٽس

Most Popular