حڪومت جو پيٽروليم ڊيلرز جا مطالبا مڃڻ کان انڪار

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ پيٽرول نه ملڻ سبب عوام سخت پريشان آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هڙتال جي آڙ ۾ ڪجهه گروپ 9 رپين جي واڌ چاهين ٿا، ڪجهه ڪمپنين کي نوازڻ لاءِ 9 رپين جي واڌ نٿي ڪري سگهجي.

هن چيو ته پيٽرول پمپ مالڪن جي ڏکيائين جو احساس آهي پر اهي عوام جي ڏکيائين جو به احساس ڪن ۽ فيصلي تي نظرثاني ڪن، ڇو ته عوام کي پريشان ڪرڻ صحيح ناهي.

سندس موجب مارجن ۾ واڌ جي سمري اڳ ئي اي سي سي ۾ پيش ڪئي وئي آهي، ايندڙ اجلاس ۾ فيصلو ٿي ويندو پر جائز مطالبا تسليم ڪنداسين.

Read Previous

مريم نواز لاءِ بُري خبر، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

Read Next

ڊيلرز جي هڙتال تي پيٽروليم ڊويزن ترجمان جو اهم بيان

Most Popular