ڊيلرز جي هڙتال تي پيٽروليم ڊويزن ترجمان جو اهم بيان

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ پيٽرول نه ملڻ سبب عوام سخت پريشان آهي، جڏهن ته ان حوالي سان پيٽروليم ڊويزن اهم بيان جاري ڪيو آهي.

پيٽروليم ڊويزن اختيارين سان سڀني وڏين آئل ڪمپنين پي ايس او، ٽوٽل پارڪو ۽ شيل جي نمائندن ملاقات ڪئي، جنهن ۾  او سي اي سي ۽ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نمائندن به شرڪت ڪئي.

پيٽروليم ڊويزن ترجمان چيو ته ڊيلرز مارجن ۾ واڌ جون تجويزون اي سي سي کي موڪليون ويون آهن، مارجن ۾ واڌ جا سمورا تفصيل پي آءِ ڊي اي جي غير جانبدار رپورٽ تي ٻڌل آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪا کوٽ ناهي، سڀني وڏين ڪمپنين جي پيٽرول پمپن تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي سيل جاري آهي.

هن چيو ته ڊيلرز مارجن ۾ باقاعدگي سان واڌ ٿيندي رهي، هن سال اپريل ۾ به مارجن ۾ واڌ ڪئي وئي، ڊيلرز کي اي سي سي اجلاس جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

حڪومت جو پيٽروليم ڊيلرز جا مطالبا مڃڻ کان انڪار

Read Next

فاروق ستار سان ملاقات بابت حريم شاهه جو وڏو انڪشاف

Most Popular