مريم نواز لاءِ بُري خبر، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

مريم نواز

سڌ سماءَ واري وزارت ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي انڪشافن تي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

گذريل ڏينهن مريم نواز پريس ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو هو ته چئنلن جا اشٽهار روڪڻ بابت آڊيو منهنجي ئي آهي، مان نه چونديس ته آڊيو ٽوڙي مروڙي ٺاهي وئي آهي يا منهنجو آواز ناهي، اهو منهنجو ئي آواز آهي.

مريم نواز جي اهڙي اعتراف کانپوءِ حڪومتي وزيرن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو هو، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته مريم نواز وڏن چئنلن جي اشتهارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اهو سنگين مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اعتراف آهي، مريم نواز چئي ٿي هوءَ پارٽي جو ميڊيا سيل هلائي رهي هئي، ان اعترافي بيان کانپوءِ اميد آهي ته هوءَ پنهنجي ۽ خاندان جي ٻاهرين ملڪ ملڪيتن جو اعتراف به ڪندي.

هاڻ سڌ سماءَ واري وزارت مريم نواز جي انڪشافن تي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جاچ ڪميٽي ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن ۾ بي ضابطگين ۽ ميڊيا سيل ذريعي من پسندن کي نوازڻ بابت پنهنجي رپورٽ جوڙيندي.

سڌ سماءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته مريم نواز جي سرپرستي ۾ قائم ميڊيا سيل ذريعي قومي ناڻي مان وفاقي حڪومت جا 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3 هزار 902 رپيا خرچ ڪيا ويا، ڄاڻايل ميڊيا سيل مان پنجاب جي ايڊورٽائزمينٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ جون شاهديون به سامهون آيون آهن، جاچ ڪميٽي ميڊيا سيل ذريعي سرڪاري رقم جي غير قانوني استعمال جي معاملن جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ ڏيندي.

Read Previous

نوشين ڪاظمي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

Read Next

حڪومت جو پيٽروليم ڊيلرز جا مطالبا مڃڻ کان انڪار

Most Popular