پاڪستاني موبائل واهپيدارن لاءِ خوشخبري، پي ٽي اي وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل فون واهپيدارن لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.

پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئوٽ گوئنگ ڪال (پنهنجي موبائل تان ڪنهن ٻي موبائل تي ڪئي ويندڙ ڪال) تي موبائل ٽرمينيشن ريٽس (MTR) 70 پئسن مان گهٽ ڪري 50 پئسا في منٽ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي موجب پهرين جنوري 2022 کان موبائل ٽرمينيشن ريٽ 50 پئسا في منٽ هوندو.

پي ٽي اي اختيارين چيو آهي ته ايم ٽي آر ۾ گهٽتائي ٽيلي ڪام انڊسٽري سان مشاورت کانپوءِ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي وڌيڪ چيو آهي ته جولاءِ 2022 کان موبائل ٽرمينيشن ريٽ 40 پئسا في منٽ تائين ڪيو ويندو، جڏهن ته جولاءِ 2023 کانپوءِ ان کي 30 پئسا ڪيو ويندو ۽ اهڙن قدمن کانپوءِ واهپيدار آف نيٽ ڪالز تي به وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري سگهندا ۽ ڪمپنيون نيون آفرز سامهون آڻينديون.

Read Previous

آمريڪي روڊ تي ڊالرن جو مِينهن وسي پيو

Read Next

مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

Most Popular