انسٽاگرام ۾ ڊگھين وڊيوز جي آزمائش شروع

هاڻ 15 سيڪنڊن بدران هڪ منٽ جي وڊيو ڏسڻ به ممڪن آهي، انسٽاگرام ڊگهين وڊيوز جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي.

انسٽاگرام انتظاميا موجب انسٽاگرام اسٽوريز ۾ نئين فيچر جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد بنا وقفي جي ماڻهو وڊيوز ڏسي سگھن ۽ انهن کي پوسٽ ڪري سگھن جڏهن ته وڊيو لائيو به ڏيکاري سگھبيون.

ياد رهي ته انسٽاگرام اسٽوري تي جيڪڏهن اوهان کي وڊيو شيئر ڪرڻي آهي ته اوهان 15 سيڪنڊن جي ٽڪرن ۾ ئي لڳائي سگھو ٿا، ان وڊيو کي اسٽوري جي سنگل فريم ۾ نٿو هلائي سگھجي.

پر هاڻ مستقبل ۾ هڪ منٽ جي وڊيو سنگل اسٽوري ۾ لڳائي سگھبي.

هڪ مهينو اڳ انسٽاگرام ۾ اسٽوري سوائپ اپ لنڪ بدران لنڪ اسٽيڪرز جو آپشن متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان اسٽيڪرز جي آزمائش جون ۾ شروع ڪئي وئي هئي ۽ آگسٽ ۾ ان کي ويري فائيڊ اڪائونٽس لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو.

پر هاڻ انسٽاگرام جا سڀ واهپيدار اسٽوريز ۾ اسٽيڪرز جي شڪل ۾ هائپر لنڪس جي واڌ ڪري سگھن ٿا.

ڪمپني موجب لنڪ اسٽيڪرز ادارن کي پنهنجي شين کي لنڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا.

Read Previous

ڪورونا جو نئون خطرناڪ قسم، پاڪستان 7 ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون

Read Next

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جا ڪوچ ڪير هوندا؟

Most Popular