پاڪستاني حڪومت ڪورونا جي نئين قسم اڳيان بي وس، عوام کي اهم هدايتون

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سربراهه اسد عمر ڪورونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جو نئون ويرينٽ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ نئين قسم جي حوالي سان اين سي او سي ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، هاءِ رسڪ ايرياز ۾ ٽيسٽنگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ ڪورونا ٽيسٽنگ ۾ به تيزي آڻڻ ۽ اثرائتو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته اين سي او سي ۾ سمورا فيصلا مستقبل کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا، پاڪستان ۾ نئين قسم کي ڪنٽرول لاءِ قدم کنيا پيا وڃن پر نئين قسم کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ئي اڪيلو ذريعو آهي.

سندس چوڻ هو ته ٻاهران ايندڙن لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن، اسان احتياط سان نئين ويرينٽ جا اثر گهٽائي سگهون ٿا پر ان کي روڪي نٿا سگهون، پاڪستان ۾ ويڪسينيشن سبب ڪيترن ئي هفتن کان ڪورونا شرح گهٽ رهي، ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ وڏي ويڪسينيشن مهم شروع ڪري رهيا آهيون.

اسد عمر چيو ته جن 3 ڪروڙ پاڪستانين پهريون ڊوز لڳرايو آهي، اهي بنا دير ٻيو ڊوز به لڳرائن، سمورا قدم کڻي ڪورونا جي نئين قسم ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن کي بوسٽر ويڪسين لڳائي ويندي، جن ۾ ڪورونا وائرس جو وڌيڪ خطرو هوندو.

Read Previous

گڏيل عرب امارتن ۾ هاڻ شادي کان اڳ جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ ڏوهه نه هوندو

Read Next

ججن جي سيمينار ۾ سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو: وزيراعظم

Most Popular