گڏيل عرب امارتن ۾ هاڻ شادي کان اڳ جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ ڏوهه نه هوندو

گڏيل عرب امارتن ۾ سڌارن تحت 40 قانونن ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، جن ۾ شادي کان اڳ جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ کي به ڏوهن جي فهرست مان ڪڍي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن 40 قانونن ۾ تبديلي ڪري نار رياست جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏا قانوني سڌارا ڪيا آهن، انهن قانونن تي پهرين جنوري کان عمل ٿيندو.

گڏيل عرب امارتن شادي کان اڳ جنسي لاڳاپا رکڻ، شراب واپرائڻ، غيرت جي نالي تي قتل جهڙن قانونن ۾ نرمي ڪئي آهي.

ملڪي ميڊيا طرفان جاري بيان ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته جوڙو باقاعدي طور شادي کان اڳ ڄميل ٻار کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ فوري طور شادي ڪندو، جيڪڏهن اهي ٻار کي تسليم نه ڪندا ۽ ان جي سار سنڀال نه ڪندا مٿن فوجداري ڪيس هلايو ويندو، جنهن جي سزا ٻه سال قيد ٿي سگهي ٿي.

ان کان اڳ گڏيل عرب امارتن ۾ شادي بنا جنسي لاڳاپا رکڻ ۽ ٻارن جي پيدائش پڪڙ جوڳو ڏوهه هو پر هاڻ شادي بنا پيدا ٿيل ٻار کي نه پالڻ ڏوهه هوندو.

Read Previous

عائزا خان جي تازي ويڊيو مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستاني حڪومت ڪورونا جي نئين قسم اڳيان بي وس، عوام کي اهم هدايتون

Most Popular