سام سنگ جي سستي ترين 5 جي فون متعارف

سام سنگ پنهنجو سستو ترين 5 جي فون گيليڪسي اي 13 جي شڪل ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ان فون کي سڀ کان پهريان آمريڪا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.

گيليڪسي اي 13 جا فيچرز گيليڪسي اي 32 فائيو جي سان ملندڙ جلندڙ آهن پر ان جي قيمت گھڻي گھٽ آهي.

گيليڪسي اي 13 ۾ 6.5 انچن جي ڊسپلي 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 700 پراسيسر موجود آهي ۽ ڪمپني موجب اها فون ملٽي ٽاسڪ ۽ مختلف موبائل گيمز کي اي 12 جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر طريقي سان هينڊل ڪري سگھي ٿي.

ڪمپني ريم جي گنجائش ته ناهي ٻڌائي پر ان ۾ 64 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ ذريعي هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگھجي ٿي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 3 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا موجود آهن.

فون جي فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪيمرا نوچ ڊزائين ۾ لڪيل آهي.

گيليڪسي اي 13 ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ فراهم ڪئي وئي آهي.

هيڊ فون جيڪ، اين ايف سي ۽ فنگر پرنٽ سينسر ۽ ٻيا فيچرز نمايان آهن پر چهري سان فون کي ان لاڪ ڪرڻجو فيچر ڊوائيس جو حصو نه آهي.

ان فون جي قيمت 250 ڊالر (43 هزار پاڪستاني رپين) کان وڌيڪ رکي وئي آهي.

Read Previous

اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ استاد پارليامينٽ هائوس اڳيان پهچي ويا

Read Next

ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ لازمي قرار، اپيلون رد

Most Popular