ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ لازمي قرار، اپيلون رد

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت ايم ڊي ڪيٽ جي خلاف اپليون خارج ڪندي لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت شاگردن لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪيون هيون.

عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي ايم ڊي ڪيٽ خلاف داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون.

عدالت چيو ته ايم ڊي ڪيٽ قانوني گهرج آهي، باقي سمورا ٽيسٽ خانگي ڪاليجن جا پنهنجا ذاتي آهي، ڪو به خانگي ميڊيڪل ڪاليج ايم ڊي ڪيٽ کان فراري اختيار نٿو ڪري سگهي.

پنج صفحن تي فيصلو جسٽس منصور علي شاهه جاري ڪيو، شاگردن جو موقف هو ته ايم ڊي ڪيٽ جي لاءِ ڪاليجن ۾ تياري ناهي ڪرائي ويندي.

Read Previous

سام سنگ جي سستي ترين 5 جي فون متعارف

Read Next

”وزيراعظم عوام جو نه، عالمي مالياتي ادارن جو نمائندو آهي“

Most Popular