”وزيراعظم عوام جو نه، عالمي مالياتي ادارن جو نمائندو آهي“

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ سان گڏ مهانگائي جو طوفان برپا ٿيندو، هاڻوڪو سليڪٽڊ وزيراعظم عوام جو نه پر عالمي مالياتي ادارن جو نمائندو آهي.

پنهنجي بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته اها مني بجيٽ معيشت آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ جو سرينڊر ڊاڪيومينٽ آهي، اهو ملڪ ۽ قوم کي آءِ ايم ايف هٿان قتل ڪرڻ جو دستاويز آهي.

سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي انهن جي مفادن جي حفاظت لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ لازمي قرار، اپيلون رد

Read Next

اومي ڪرون وائرس جي تصديق، سعودي عرب ۾ لاڪ ڊائون بابت اهم اعلان

Most Popular