اومي ڪرون وائرس جي تصديق، سعودي عرب ۾ لاڪ ڊائون بابت اهم اعلان

سعودي حڪومت اومي ڪرون ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.

سعودي عرب ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جو آفريقي ويريئنٽ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو جنهن کانپوءِ اختيارين جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي.

سعودي جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ خدشا تمام گهڻا هئا ڇو ته ان وقت ويڪسين نه هئي پر هاڻي سعودي عرب ۾ 22 ملين کان مٿي ماڻهو ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائي چڪا آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته سعودي معاشري ۾ وائرس بابت مدافعتي نظام بهترين آهي تنهنڪري ماڻهو رڳو حفاظتي اپاءَ اختيار ڪن، ميڙاڪن واري جاين تي نه وڃجي يا ميڙاڪا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪ وڃڻ چاهين ٿا اهي سوچي سمجهي فيصلو ڪن.

Read Previous

”وزيراعظم عوام جو نه، عالمي مالياتي ادارن جو نمائندو آهي“

Read Next

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز: شرجيل، شهزاد ۽ فرحان جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان

Most Popular