ويسٽ انڊيز خلاف سيريز: شرجيل، شهزاد ۽ فرحان جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان

Pakistan’s Sharjeel Khan (L) and Ahmed Shehzad run between the wickets during the World T20 cricket tournament match between India and Pakistan at the Eden Gardens cricket stadium in Kolkata on March 19, 2016. / AFP / Prakash SINGH (Photo credit should read PRAKASH SINGH/AFP via Getty Images)

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز لاءِ شرجيل خان ۽ احمد شهزاد جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان آهي.

ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب هلندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ سينيئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شعيب ملڪ، سرفراز احمد ۽ عماد وسيم کي ان سيريز ۾ نه کيڏايو ويندو، جڏهن ته محمد حفيظ اڳ ئي سيريز تان هٿ کڻي چڪو آهي.

ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب جارحاڻي بيٽسمين شرجيل خان کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي احمد شهزاد ۽ صاحبزادا فرحان جي به ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ محمد حسنين، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر ۽ خوشدل شاهه کي به کيڏائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ويسٽ انڊين ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ هلندڙ مهيني پاڪستان اچي رهي آهي، ٻنهي ٽيمن ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.

Read Previous

اومي ڪرون وائرس جي تصديق، سعودي عرب ۾ لاڪ ڊائون بابت اهم اعلان

Read Next

انيل ڪپور شادي جو خواهشمند، کيس ڪهڙي اداڪارا پسند آهي؟

Most Popular