آغا سراج دراني نيب هٿان گرفتار

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندڙ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جيئن ئي عدالت کان ٻاهر نڪتو ته کيس نيب گرفتار ڪري ورتو.

ان موقعي تي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته مان اڳ ۾ به گرفتار ڪيو ويو هئس، مان گرفتاري کان نٿو ڊڄان، سپريم ڪورٽ مان رليف ملي پئي سگهيو انڪري هتي آيا هئاسين.

نيب اختيارين موجب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي پهريون ميڊيڪل چيڪ اپ جي لاءِ پمز اسپتال نيو ويندو، ميڊيڪل چيڪ اپ کانپوءِ راهداري ريمانڊ جي لاءِ احتساب عدالت وٺي وينداسين.

آغا سراج دراني عدالتي حڪم کانپوءِ هن وقت تائين سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ موجود هو.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ايڊيشنل ڊاريڪٽر شعيب احمد ۽ ڊپٽي ڊاريڪٽر آصف خان جي سربراهي ۾ نيب جي ٽيم سپريم ڪورٽ پهتي هئي.

Read Previous

انيل ڪپور شادي جو خواهشمند، کيس ڪهڙي اداڪارا پسند آهي؟

Read Next

اٽارني جنرل جو حلف نامو جمع ڪرائڻ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس کي خط

Most Popular