انيل ڪپور شادي جو خواهشمند، کيس ڪهڙي اداڪارا پسند آهي؟

باليووڊ جي سدابهار اداڪار انيل ڪپور هڪ اداڪارا سان شادي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

اداڪار انيل ڪپور جو هڪ انٽرويو وڏي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي گهرواري سنيتا ڪپور کان طلاق وٺي اداڪارا ڪنگنا رناوت سان شادي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

هڪ انٽرويو دوران انيل ڪپور کان سوال ڪيو ويو جنهن ۾ کائنس پڇيو ويو ته اها ڪهڙي عورت آهي جنهن جي ڪري توهان پنهنجي گهرواري کي به ڇڏي سگهو ٿا؟

ان سوال جي جواب ۾ اداڪار انيل ڪپور جو چوڻ هو ته اها عورت ڪنگنا رناوت آهي جنهن جي لاءِ هو پنهنجي گهرواري کي به ڇڏي سگهي ٿو.

ان جواب تي پروگرام جو ميزبان حيران ٿي ويو ۽ کيس چيو ته توهان کي اهڙي جواب تي پريشان ٿيڻ گهرجي.

انيل ڪپور اهڙي ڳالهه جو جواب هڪ وڏي ٽهڪڙي ۾ ڏنو ۽ ڳالهه کي گهمائي ڇڏيو.

Read Previous

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز: شرجيل، شهزاد ۽ فرحان جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان

Read Next

آغا سراج دراني نيب هٿان گرفتار

Most Popular