اٽارني جنرل جو حلف نامو جمع ڪرائڻ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس کي خط

اٽارني جنرل پاڪستان خالد جاويد عدالتي حڪم جي روشني ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جج گلگت بلتستان راڻا شميم کي خط لکي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ ۽ ان سان لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اٽارني جنرل پاڪستان خالد جاويد طرفان راڻا شميم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس خلاف بيان جو حلف نامو پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن کي ڏنو وڃي ۽ حلف نامي جي ڪاپي مهربند لفافحي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن کي اماڻي وڃي.

خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن حلف نامي ذريعي پرڏيهي وزارت رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي موڪليندي.

Read Previous

آغا سراج دراني نيب هٿان گرفتار

Read Next

اين سي او سي بوسٽر ويڪسين جي لاءِ گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏيون

Most Popular