اين سي او سي بوسٽر ويڪسين جي لاءِ گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏيون

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) طرفان بوسٽر ويڪسين جي لاءِ عارضي گائيڊ لائين جاري ڪري ڇڏيون آهن.

اين سي او موجب ملڪ ۾ جاري ڪورونا خلاف ويڪسين مهم جي ترجيح اهي ماڻهو آهن جن ويڪسين ناهي ڪرائي، مخصوص عمر جي ماڻهن لاءِ بوسٽر ويڪسين جي ضرورت کي مدنظر رکيو ويو آهي.

پنهنجي گائيڊ لائينز ۾ اين سي او سي جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو جن ويڪسين ناهي ڪرائي انهن مان سموري اهل ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي، 50 سالن کان مٿي عمر جي ماڻهن ۽ هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي بوسٽر ويڪسين لڳائي ويندي.

اين سي او سي وڌيڪ چيو آهي ته بوسٽر شاٽ پهرين ويڪسينيشن جي پڄاڻي کجي 6 مهينن کانپوءِ ۽ ڪورونا مان صحتيابي جي 28 ڏينهن کانپوءِ لڳايو ويندو.

ڄاڻايل گائيڊ لائينز جي موجب بوسٽر ويڪسين جي شاٽ سائنو فارم، سائنو ويڪ، فائزر ۽ موڊرنا ويڪسين جا لڳايا ويندا، بوسٽر ويڪسين جي خوراڪ اڳواٽ لڳل ويڪسين يا پهرين ويڪسين کان مختلف به ٿي سگهي ٿي.

Read Previous

اٽارني جنرل جو حلف نامو جمع ڪرائڻ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس کي خط

Read Next

سيالڪوٽ: مذهبي جذبن جي توهين جي الزام ۾ پرڏيهي مينيجر قتل

Most Popular