سيالڪوٽ: مذهبي جذبن جي توهين جي الزام ۾ پرڏيهي مينيجر قتل

سيالڪوٽ جي خانگي فيڪٽري ۾ سري لنڪا جو مينيجر ملازمن جي تشدد ۾ مارجي ويو، مڇريل ماڻهن لاش کي روڊ تي گهلي باهه ڏئي ڇڏي.

مڇريل ماڻهن جي دعويٰ آهي ته مقتول مبينه طور مذهبي جذبن جي توهين ڪئي هئي، انهن ماڻهن فيڪٽري ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي.

ڊي پي او جو چوڻ آهي ته پرڏيهي مينيجر جي موت جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ گهري ورتي.

عثمان بوزدار چيو ته ڪنهن کي به قانون ۾ هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

Read Previous

اين سي او سي بوسٽر ويڪسين جي لاءِ گائيڊ لائينز جاري ڪري ڇڏيون

Read Next

”ريفرنسز جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون عدالتن ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي“

Most Popular