”ريفرنسز جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون عدالتن ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي“

قومي احتساب بيورو (نيب) چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته احتساب عدالتن ۾ هڪ هزار 386 ارب رپين جي ماليت جي 1270 ريفرنسز ٻڌڻي هيٺ آهن، نيب ريفرنسز جي جلد ٻڌڻي جي لاءِ درخواستون عدالتن ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بلين ٽري سونامي تي ڪارروائي جاري آهي جڏهن ته بي آر ٽي جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ نيب ڪي پي جي آفيس آف تي نيب آفيسرن سان گفتگو ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال کي ڊي جي نيب ڪي پي بريگيڊيئر (ر) فاروق ناصر اعواڻ بريفنگ ڏني.

جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 1999 کان هن وقت تائين 56397 شڪايت جي جاچ پڙتال ڪئي وئي، 1940 انڪوائريون ۽ 765 انويسٽي گيشن تي ڪاروايون ٿيون، 368 ريفرنسز جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

Read Previous

سيالڪوٽ: مذهبي جذبن جي توهين جي الزام ۾ پرڏيهي مينيجر قتل

Read Next

ڇا راکي ساونت جو مڙس سلمان خان جو ڪيميرا مين آهي؟

Most Popular