ڇا راکي ساونت جو مڙس سلمان خان جو ڪيميرا مين آهي؟

باليووڊ اداڪارا راکي ساونت جو مڙس رتيش تازو ئي منظر تي آيو آهي جنهن جي انٽري ريئلٽي شو بگ باس ۾ ٿي آهي.

راکي ساونت جي مڙس جي شادي کانپوءِ اها پهرين جهلڪ آهي ۽ ان دوران اداڪارا انڪشاف ڪيو آهي ته رتيش سان واٽس ايپ چيٽ ذريعي رابطو ٿيو هو.

ٻئي پاسي رتيش به ميزبان سلمان خان جي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيندي پنهنجي سڃاڻپ جي حوالي سان ڪجهه انڪشاف ڪيا.

رتيش ٻڌايو ته سندس تعلق بهار سان آهي پر ڪم جي سلسلي ۾ بيلجيم ۾ رهندو آهي.

هن چيو ته راکي جي شادي کي مختلف سببن جي ڪري ڳجهو رکيو آهي.

شو دوران سلمان خان مذاق ڪندي راکي کان سوال ڪيو ته ڪٿي توهان پيسا ڀري ته هن شخص کي مڙس بڻائي آيا آهيو، جنهن جي جواب ڻ راکي چيو ته نه هئي ئي اڪيلو منهنجو مڙس آهي.

ان جي باوجود مداح راکي جي مڙس کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙي شادي ۽ راکي جي مڙس کي ڪوڙو قرار ڏنو پيو وڃي.

Read Previous

”ريفرنسز جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون عدالتن ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي“

Read Next

عمري جي خواهشمندن لاءِ سُٺي خبر اچي وئي

Most Popular