عمري جي خواهشمندن لاءِ سُٺي خبر اچي وئي

سعودي عرب ڪورونا وائرس جي ڪري پهريون ڀيرو مارچ 2020 ۾ پابنديون لاڳو ڪيون هيون جيڪي هاڻي ترتيب وار ختم ڪيون پيون وڃن.

گذريل ڏينهن سعودي اختيارين اعلان ڪيو هو ته هاڻي عمر جي لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي قرنطينا واري شرط مان نه گذرڻو پوندو تنهن هوندي به اهو ضروري آهي ته سعودي عرب ۾ منظور ٿيل ويڪسين جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڊوز لڳل هجن.

سعودي عرب رڳو چئن ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏني آهي جن ۾ موڊرنا، فائزز بائيو اين تيڪ، جانسن اينڊ جانسن ۽ آڪسفورڊ جي ايسٽرا زينيڪا شامل آهن.

سعودي عرب جو چوڻ آهي ته سفري پابندين جي فهرست ۾ موجود ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا جا شهري سِڌي ريت عمري جي لاءِ اچي سگهن ٿا جڏهن ته اهو به ضروري آهي ته انهن جي عمر 18 سال يا ان کان مٿي هجي.

Read Previous

ڇا راکي ساونت جو مڙس سلمان خان جو ڪيميرا مين آهي؟

Read Next

سيالڪوٽ واقعو: حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

Most Popular