سيالڪوٽ واقعو: حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

حڪومت سيالڪوٽ واقعي تي نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻن شرڪت نه ڪئي.

اجلاس ۾ پاڪستان جي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو مسودو غور هيٺ آيو.

وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ميمبرن کي قومي سلامتي پاليسي ڊرافٽ تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو نيشنل سيڪيوٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي پاليسي جي گائيڊ لائن شامل آهي، ان پاليسي کي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

هن چيو ته اها پاليسي دهشتگردي، پرڏيهي معاملن، گهرو سلامتي، واٽر سيڪيورٽي، اقتصادي، فوڊ، ملٽري سيڪيورٽي، آبادي ۾ واڌ، ڪشمير ۽ افغان معاملن سميت خطي جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي ٻڌل هوندي، نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ۾ لاڳاپيل وزارتون شامل آهن، جيڪي پاليسي تي عمل ڪرائينديون، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تحت سڀني لاڳاپيل وزارتن کي سيڪيورٽي معاملن تي هدايتون ڏنيون وينديون.

Read Previous

عمري جي خواهشمندن لاءِ سُٺي خبر اچي وئي

Read Next

سياچن ۾ پاڪ آرمي جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻه ميجر شهيد

Most Popular