
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ سيالڪوٽ واقعي کانپوءِ لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) ۾ شريڪ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ ڪوچن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سريلنڪن ميڊيا موجب پاڪستان جا 9 ڪرڪيٽر ۽ ڪوچنگ اسٽاف ليگ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جن ۾ محمد حفيظ، محمد عامر، شعيب ملڪ، وهاب رياض، صهيب مقصود، انور علي، محمد عرفان، عثمان شنواري ۽ احمد شهزاد شامل آهن.
سريلنڪا ۾ پاڪستاني رانديگرن ۽ ڪوچن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو سيالڪوٽ واقعي کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته لنڪا پريميئر ليگ اڄ کان سريلنڪا جي تخت گاهه ڪولمبو ۾ شروع ٿي رهي آهي.