سياچن ۾ پاڪ آرمي جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻه ميجر شهيد

سياچن ۾ پاڪ آرمي ايوي ايشن جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ميجر شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب حادثي ۾ پاڪستان آرمي ايوي ايشن جا ٻه پائلٽ شهيد ٿي ويا، شهيد ٿيندڙن ۾ ميجر عرفان برچا ۽ ميجر راجا ذيشان جهانزيب شامل آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته سياچن ۾ حادثي کانپوءِ فوجي دستا اوڏانهن روانا ٿي ويا.

Read Previous

سيالڪوٽ واقعو: حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

Read Next

سيالڪوٽ واقعو: سريلنڪا جو ايل پي ايل ۾ شريڪ پاڪستانين جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو

Most Popular