ويسٽ انڊيز کي وڏو ڌڪ، ڪپتان پولارڊ پاڪستان دوري کان ٻاهر

پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ ويسٽ انڊيز کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ۽ مهمان ٽيم جو ڪپتان ڪيرون پولارڊ انجريءَ دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي.

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هيمسٽرنگ انجريءَ جو شڪار ٿيندڙ ڪپتان ڪيرون پولارڊ اڃا تائين صحتياب ناهي ٿي سگهيو، جنهن سبب هو پاڪستان دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته پولارڊ جي جاءِ تي نڪولس پوران ٽي ٽوئنٽي ۽ شائي هوپ ون ڊي ٽيم جي اڳواڻي ڪندا.

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ موجب ڪيرون پولارڊ جي متبادل طور رومين پاول کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ڊيون ٿامس کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 13 کان 22 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.

Read Previous

ڀارت: سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 13 مزدور مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Read Next

جيڪولين تي ڀتي خور کان ڪروڙن جا تحفا وصول ڪرڻ جو الزام

Most Popular