پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو تحفظ فراهم ڪيو وڃي

راڻيپور (رپورٽر سيد زوار شاھ) پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو تحفظ فراهم ڪيو وڃي , شادي شده جوڙو سٽي پريس ڪلب پهچي ويو رپورٽ موجب هڪ مهينو اڳ خيرپور جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ باٺيرو واسي عطيا ناز سونيو ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي بادشاهه ڏنو سونيو سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جوڙي سٽي پريس ڪلب راڻيپور پهچي احتجاج ڪندي عطيا ناز سونيو چيو ته مان طلاق يافته آهيان هڪ مهينو اڳ مان ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي بادشاهه ڏنو سونيو سان پسند جي شادي ڪئي آهي پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيو منهنجا مائٽ پيءُ گل محمد سونيو ڀاءُ سجاد سونيو ڳوٺ جا بااثر صابر خاصخيلي امير بخش غوث بخش ۽ ٻيا مارڻ چاهين ٿا گذريل رات منهنجي مائٽن منهنجي مڙس ۽ ڏيرن مٿان ڪنب ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي ڪنب پوليس رشوت وٺي منهنجي مڙس جي مائٽن کي تنگ ڪري رهي آهي هن چيو ته مان پنهنجي مرضي سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ٿي ڪريان ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي مڙس ۽ ڏيرن مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرايو وڃي

Read Previous

دل کي صحتمند رکڻ لاءِ ماهرن جو زبردست مشورو

Read Next

فيصل قريشي ننڍي عمر جي اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular