فيصل قريشي ننڍي عمر جي اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار فيصل قريشي ننڍي عمر جي ساٿي اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.

فيصل قريشي برطانوي نشرياتي اداري کي خاص انٽرويو ڏيندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته انٽرمينٽ انڊسٽري هاڻي هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي جتي اداڪارن جي وچ ۾ عمر جو فرق به مسئلو بڻجي ويو آهي.

هن چيو ته ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارائن مان ڪيترين ئي شاديون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هاڻي اهي پنهنجي ٻارن جي پالڻ ۾ وقت گذاري رهيون آهن.

اداڪار جو چوڻ هو ته تازو ئي هو سنيتا مارشل سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو هن سنيتا کي سيٽ تي سدائين پنهنجي ٻارن جي لاءِ پريشان ٿيندي ڏٺو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن هو شائستا لوڌي سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو ته کيس به پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيايون پيش هيون ڇو ته ان جي ذهن ۾ به پنهنجي ٻارن جو خيال هميشا رهندو هو.

فيصل قريشي ٻڌايو ته هن سويرا نديم سان به ڪم ڪيو آهي اها ڪيميرا جي اڳيان به پنهنجي ٻارن تي نظر رکندي ۽ ٻارن جي ماسي کي فون ڪري انهن بابت هدايتون ڏيندي هئي.

انٽرويو ۾ هن چيو ته ڇوڪرين لاءِ اهو مسئلو هوندو آهي ته انهن تي گهر جون ذميواريون به وڌيڪ هونديون آهن. اسان سمجهندا آهيون ته اسان گهر هلائي رهيا آهيون پر حقيقت ۾ عورتون ئي گهر جو اصل ڪم ڪنديون آهن اهي هڪ ئي وقت ٻاهريون ۽ گهر جو ڪم ڪري سگهن ٿيون.

آخر ۾ هن چيو ته اقرا عزيز کي جڏهن ڪبير جي پيدائش ٿي ته اها ڪم کان پوئتي هٽي وئي ڇو ته اها پنهنجي ٻار جي پالڻ ۽ پرورش ۾ ڪو به سمجهوتو نه پئي ڪرڻ چاهي.

Read Previous

پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Next

پاڪستاني بالرن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو، ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي شڪست

Most Popular