دل کي صحتمند رکڻ لاءِ ماهرن جو زبردست مشورو

آمريڪي ماهرن جي نئين تحقيق موجب صحتمند دل جي لاءِ ضروري آهي ته گهري رنگ واريون سبزيون ۽ فروٽ استعمال ڪيا وڃن.

آمريڪي تحقيقي اداري آمريڪن هارٽ ايسوسي ايشن دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪيل تحقيق ۾ نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

دل جي صحت ۽ کاڌي جي وچ ۾ تعلق بابت نئين تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر ايلس جو چوڻ آهي ته “نه کائو” جهڙي نصيحتن سان ماڻهن تي دٻاءُ وجهڻ جي بدران اسان کاڌي جي اهڙي طريقي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي دل کي صحتمند رکندا آهن.

جسماني وزن جو دل جي صحت سان سِڌي ريت ڳانڍاپو

ڊاڪٽر ايلس جي تحقيق موجب اسان وزن کي برقرار رکي دل بابت خطرن کي گهٽائي سگهون ٿا، هفتي ۾ 150 منٽن جي ورزش جسم ۾ توانائي جي توازن کي درست رکندي آهي، عمر جي هر ڏهاڪي جي لاءِ توانائي ضرورتن ۾ 70 کان 100 سيڪڙو ڪيلوريز روزاني جي بنياد تي کوٽ ٿيندي آهي تنهنڪري اهڙي خواڪ جي چونڊ ڪرڻ تمام ضروري آهي.

گهري رنگ جا فروٽ ۽ سبزيون

تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي خوراڪ ۾ فروٽ ۽ سبزين کي شامل ڪيو جن ۾ فائيٽو ڪيميڪل وڌيڪ هجي، فائيٽو ڪيميڪل اسانکي ڪيترن ئي خطرناڪ بيمارين کان بچائيندو آهي، گهري رنگ جي فروٽن ۽ سبزين ۾ غذائي کوٽ هوندي آهي، انهن فروٽن ۽ سبزين جو جوس پيئڻ بدران انهن فروٽن ۽ سبزين کي مڪمل طور کاڌو وڃي ڇو ته انهن کي کائڻ سان جسم ۾ فائبر جو مقدار وڌندو آهي.

ثابت اَنَ تي ڌيان

ماهرن چيو آهي ته پنهنجي خوراڪ ۾ ثابت اَنَ کي گهڻي مقدار ۾ شامل ڪيو، ثابت اَنَ، کَلڙن ۽ اندرين ٻج تي مشتمل هوندو آهي، انهن ۾ غذائيت به گهڻي هوندي آهي، انکانسواءِ ثابت اناج کائڻ سان دل جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

Read Previous

”لعنت هي“، سلمان خان شميتا شيٽي تي تپي باهه

Read Next

پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Most Popular