پاڪستاني بالرن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو، ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي شڪست

Pakistan’s Sajid Khan (L) celebrates after the dismissal of Bangladesh’s wicketkeeper Liton Das (2R) during the final day of the second Test cricket match between Bangladesh and Pakistan at the Sher-e-Bangla National Cricket Stadium in Dhaka on December 8, 2021. (Photo by Munir Uz zaman / AFP) (Photo by MUNIR UZ ZAMAN/AFP via Getty Images)

پاڪستان ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي اننگز ۽ 8 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ مڪمل ڪري ورتو.

شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 205 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستاني بالرن ٻي اننگز ۾ به بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ رڳو شڪيب الحسن پاڪستان خلاف ففٽي اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، جنهن کي 63 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ ساجد خان بولڊ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مشفق الرحيم 48 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو.

ساجد خان ٻي اننگز ۾ به بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ حسن علي 2-2 شڪار ڪيا.

ساجد خان ميچ ۾ مجموعي طور 12 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ هو پاڪستان طرفان ڪنهن به ٽيسٽ ۾ 12 وڪيٽون وٺندڙ پهريون آف اسپنر بڻجي ويو.

ان کان اڳ پهرين اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم 87 رنسن تي آئوٽ ٿي فالو آن جو شڪار ٿي وئي.

واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي.

ميچ جو بهترين رانديگر ساجد خان، جڏهن ته سيريز جو بهترين رانديگر عابد علي کي قرار ڏنو ويو.

Read Previous

فيصل قريشي ننڍي عمر جي اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

دنيا جو ڌيان ڪورونا ڏانهن، عام بيماري سبب موت جي شرح ۾ غير معمولي واڌ

Most Popular