دنيا جو ڌيان ڪورونا ڏانهن، عام بيماري سبب موت جي شرح ۾ غير معمولي واڌ

سال 2020 ۾ انسانيت کي سارس ڪووڊ 2 وائرس سان منهن ڏيڻو پيو جنهن جي ڪري وڌيڪ 70 هزار ماڻهو مليريا جي ڪري موت جو کاڄ بڻجي ويا.

اهڙي ڳالهه جو انڪشاف صحت جي عالمي اداري پنهنجي نئين پڌرائي ۾ ڪيو آهي.

پنهنجي اعلان ۾ ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ت سال 2019 جي مقابلي ۾ هن سال 69 هزار ماڻهو مليريا وگهي موت جو شڪار بڻجي ويا آهن جيڪو ڳڻتي جوڳو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته آخر ڪهڙي نموني سان ڪو مرض دنيا ۾ هلندڙ مرض جي چيلينج سان اسانجو ڌيان هٽائي ٿو ۽ وري ان مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

مليريا جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري هن وقت تائين آفريڪا ۾ ٻه لک 24 هزار ماڻهو موت جو شڪار بڻجي چڪا آهن.

ڊبليو ايڇ او ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ٿيل پابندين، جاچ ۾ دير ۽ علاج نه هجڻ جي ڪري 70 هزار موت اضافي طور ٿيا آهن.

Read Previous

پاڪستاني بالرن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو، ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي شڪست

Read Next

قتل کان اڳ ناريءَ کان پنهنجي ئي قبر کوٽرائڻ جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو

Most Popular