ڀارتي فضائيا جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار

ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڀارتي فضائيا جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت سميت 13 اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڀارتي فضائيا موجب ايم آءِ 17 وي فائيو هيلي ڪاپٽر ۾ جنرل بپن راوت سميت 9 ڄڻا ۽ عملي جا 4 ميمبر سوار هئا.

ڀارتي فضائيا جو چوڻ آهي ته جنرل بپن راوت ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ضلعي نيلا گيري ۾ ڊفينس سروسز اسٽاف ڪاليج ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته ڪونور ڀرسان هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو.

ڀارتي فضائيا جنرل بپن راوت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ۽ ان جي گهرواري سميت 13 ڄڻا حادثي ۾ فوت ٿيا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 13 لاش مليا آهن، جن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي.

ڀارتي ايئر فورس چيو آهي ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڀارتي فوج جو سربراهه جنرل بپن راوت پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ 31 ڊسمبر 2019 ۾ رٽائر ٿيو هو، پوءِ مودي سرڪار کيس ڀارت جي هٿياربند فوجن جو پهريون چيف آف ڊفينس اسٽاف مقرر ڪيو هو.

Read Previous

قتل کان اڳ ناريءَ کان پنهنجي ئي قبر کوٽرائڻ جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو

Read Next

”شوڪت عزيز صديقي فوج خلاف تقرير ڪري ها ته خبر پئجي وڃي ها ان جو ڪيترو زور آهي“

Most Popular