”شوڪت عزيز صديقي فوج خلاف تقرير ڪري ها ته خبر پئجي وڃي ها ان جو ڪيترو زور آهي“

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته شوڪت صديقي حدون پار ڪيون، تقرير عدليا خلاف ڪيائين، فوج خلاف ڪري ها ته خبر پئجي وڃي ها ان جو ڪيترو زور آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران وڪيل حامد خان، شوڪت عزيز صديقي خلاف ريفرنسن جا تفصيل پيش ڪيا ۽ چيو ته شوڪت صديقي ٽي ايل پي سان معاهدو ڪرڻ تي جنرل جي صحيح تي وفاقي حڪومت کان جواب گهريو هو.

ان تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته توهان جنهن فيصلي سان تعلق جوڙي رهيا آهيو، ان تي سپريم جڊيشل ڪائونسل ٻه نوٽيس جاري ڪيا هئا، شوڪت صديقي حاضر سروس آفيسرن تي آبزرويشنز بنا نوٽيس جي ڏنيون، فاضل جج پنهنجا اختيار ڪيئن اورانگهيا؟

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته شوڪت صديقي حدون اورانگهيون، تقرير عدليا خلاف ڪيائين، فوج خلاف ڪري ها ته خبر پئجي وڃي ها ان جو ڪيترو زور آهي.

Read Previous

ڀارتي فضائيا جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار

Read Next

سنڌ ۾ گهٽ کان گهٽ اجورو 25 هزار مقرر ڪرڻ خلاف منع نامو جاري

Most Popular