شوڪت ترين پيٽرول اگھه گھٽائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ هفتن ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ گھٽتائي ڪئي ويندي.

پرڏيهي اردو ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ شوڪت ترين چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت مني بجيٽ ايندڙ هفتي آڻي رهي آهي پر ان ۾ کاڌي پيتي جي شين تي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ ختم نه ٿيندي، ان ڪري مني بجيٽ سان کائڻ پيئڻ جو شيون مهانگيون نه ٿينديون.

هن چيو ته مني بجيٽ ۾ ميڪ اپ جو سامان، جوتا ۽ پرفيومز سميت ٻئي درآمدي آسائشي سامان تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌائي ويندي، ان کان سواءِ مقامي طور تيار ٿيندڙ ڪجهه شين تي به سيلز ٽيڪس جي شرح 12 کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته عالمي منڊي ۾ تيل جا اگھه گهٽجڻ کان پوءِ هيل تائين پيٽرول قسمن جي قيمتن ۾ گھٽتائي ناهي ٿي پر ايندڙ هفتن ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون به گھٽايون وينديون.

Read Previous

وزيراعظم ڪراچي ۾ ”بي آر ٽي ايس“ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Read Next

هلندڙ سال دنيا ۾ رڪارڊ صحافي قيد ٿيا، ڀارت خطرناڪ ترين ملڪ قرار

Most Popular