هلندڙ سال دنيا ۾ رڪارڊ صحافي قيد ٿيا، ڀارت خطرناڪ ترين ملڪ قرار

نيو يارڪ ۾ قائم ”ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس“ موجب 2021 ۾ سڄي دنيا ۾ رڪارڊ صحافين کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو.

293 صحافين مان سڀ کان وڌيڪ چوٿون حصو صحافين کي رڳو چين ۽ ميانمار ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ان رپورٽ ۾ ڀارت ۽ ميڪسيڪو صحافين لاءِ سڀ کان خطرناڪ ملڪ قرار ڏنا ويا آهن.

رپورٽ موجب هلندڙ سال ڀارت ۾ چئن صحافين کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ميڪسيڪو ۾ 3 صحافي قتل ٿيا.

خميس ڏينهن جاري ٿيل سي پي جي جي ان سالياني رپورٽ موجب چين ۾ 50، ميانمار ۾ 26، مصر ۾ 25، ويٽنام ۾ 23 ۽ بيلاروس ۾ 19 صحافي هن وقت به جيل ۾ آهن.

اهڙي ريت ڪيترائي صحافي سعودي عرب، ايران، ترڪي، روس، ايٿوپيا ۽ اريٽيريا ۾ به قيد آهن.

رپورٽ موجب قيد صحافين جي انگ سان خبر پئي ٿي ته دنيا ۾ آزاد رپورٽنگ جي حوالي سان عدم برداشت پيدا ٿي رهيو آهي.

Read Previous

شوڪت ترين پيٽرول اگھه گھٽائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

ٻي شادي دين دار شخص سان ڪنديس: وينا ملڪ

Most Popular