توهان کي خبر آهي ته بنا ورزش جي به وزن گهٽائي سگهجي ٿو!

واڌو چرٻي، ٿولهه اوهان کي تنگ ڪيو آهي ته وقت اچي ويو آهي اوهان ان مان جان ڇڏايو، جيڪو بنا ورزش جي به ممڪن آهي.

وزن گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جيترا به طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ ورزش جو مرڪزي ڪردار هوندو آهي پر اوهان ورزش کان بيزار آهيو ۽ وزن به گهٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟

اڄ اسان اوهان کي اهڙو طريقو ٻڌائينداسين، جنهن سان اوهان بنا وزرش جي وزن گهٽ ڪري سگهو ٿا.

هڪ تحقيق موجب وڌيڪ روشني ۽ گوڙ ۾ کاڌو کائڻ وارا ماڻهو پرسڪون ماحول ۾ کاڌو کائڻ وارن کان وڌيڪ کاڌو استعمال ڪندا آهن.

تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته روشني گهٽ رکڻ سان کائڻ جي رفتار گهٽ هوندي آهي ۽ کاڌو ٿڌو ٿي وڃڻ ڪري اسان جلدي کاڌي مان هٿ ڪڍي ڇڏيندا آهيون، ٿڌي کاڌي جي ڀيٽ ۾ اسان گرم کاڌو وڌيڪ کائي ويندا آهيون.

ماهرن موجب پليٽ جي سائز گهٽ هجي ته اسان 23 سيڪڙو خوراڪ گهٽ ڪري سگهون ٿا، چمچي جي سائز گهٽ ڪجي ته اسان خوراڪ ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي آڻي سگهون ٿا.

تحقيق موجب انسان کي روزانو اٺ ڪلاڪن جي ننڊ وٺڻ گهرجي ته جئين بک ۽ اڃ جي احساس کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميوار هارمونز جو نظام درست رهي.

پروٽين سان ڀرپور ناشتو ڪرڻ گهرجي، جيڪو سڄو ڏينهن بک کي ڪنٽرول ڪري، ناشتي ۾ بيضا، ڏهي يا مڱيرن ۽ مکڻ جو استعمال ڪيو وڃي.

Read Previous

اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم

Read Next

افغانستان لاءِ گڏيل عالمي سهڪار ضروري آهي: آرمي چيف

Most Popular