سستي گئس جا عادي ماڻهو عادتون مَٽائن، ڪجهه سالن ۾ گئس نه رهندي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزيرفواد چوڌري چيو آهي ته سستي گئس جي عادي ماڻهن کي عادتون مٽائڻيون پونديون، ملڪ اندر ڪجهه سالن ۾ گئس اڻلڀ ٿي ويندي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ووٽنگ مشين جو معاملو 2012 ۾ پ پ جي حڪومت اٿاريو، 2016 ۾ نواز شريف حڪومت ۾ به ووٽنگ مشين تي بحث ٿيو.

ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم فراهم  ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اي وي ايم  4 هزار منشينز ڪو وڏو مسئلو ناهي، جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ٽينڊر ڪرايو مشينون اچي وينديون.

سندس چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه ايترو ناهن گهٽيا جو هتي به اثر پون، دعا ڪنداسين ته تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿين، گڏوگڏ هن چيو ته هر سال گئس 9 سيڪڙو گهٽ ٿي رهي آهي، ڪجهه سالن ۾ گئس نه رهندي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ گوادر جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وفاقي وزير اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر ويندا ۽ رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪندا.

Read Previous

نوشهروفيروز: خوراڪ کاتي جي ملازمن جو ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا تي عمل ۽ پڙھيل چوڪيدارن کي سينارٽي موجب پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاج

Read Next

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

Most Popular