سڌ سماءَ بابت وفاقي وزيرفواد چوڌري چيو آهي ته سستي گئس جي عادي ماڻهن کي عادتون مٽائڻيون پونديون، ملڪ اندر ڪجهه سالن ۾ گئس اڻلڀ ٿي ويندي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ووٽنگ مشين جو معاملو 2012 ۾ پ پ جي حڪومت اٿاريو، 2016 ۾ نواز شريف حڪومت ۾ به ووٽنگ مشين تي بحث ٿيو.
ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اي وي ايم 4 هزار منشينز ڪو وڏو مسئلو ناهي، جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ٽينڊر ڪرايو مشينون اچي وينديون.
سندس چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه ايترو ناهن گهٽيا جو هتي به اثر پون، دعا ڪنداسين ته تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿين، گڏوگڏ هن چيو ته هر سال گئس 9 سيڪڙو گهٽ ٿي رهي آهي، ڪجهه سالن ۾ گئس نه رهندي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ گوادر جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وفاقي وزير اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر ويندا ۽ رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪندا.