پشاور زلمي ڪامران اڪمل کي پرچائي ورتو، پي ايس ايل کيڏندو

وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندو. پشاور زلمي جي ڪوچ ۽ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ محمد اڪرم جي ڪامران اڪمل سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين پي ايس ايل تان هٿ کڻڻ جو فيصلو واپس ورتو. محمد اڪرم جو چوڻ هو ته ڪامران اڪمل اسان لاءِ اهم رانديگر رهيو آهي، هو پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن ۾ به پشاور زلمي جو حصو هوندو. واضح رهي ته ڪامران اڪمل پشاور زلمي طرفان سلور ڪيٽيگري ۾ چونڊجڻ تي احتجاجي طور ليگ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.

Read Previous

خوف ۽ دهشت جي علامت اوميڪرون چين به پهچي ويو

Read Next

آمريڪي پابنديون، چين جو سخت موقف سامهون اچي ويو

Most Popular