وجيهه الدين جي عمران خان بابت بيان تي جهانگير ترين جو ردعمل به اچي ويو

جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين طرفان وزيراعظم عمران خان جي گهر جا خرچ جهانگير ترين طرفان برداشت ڪرڻ بابت بيان تي وفاقي وزيرن کانپوءِ جهانگير ترين جو ردعمل به اچي ويو.

جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيان ۾ چيو هو ته جهانگير ترين، عمران خان جي گهر جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 30 لک رپيا ماهوار ڏيندو هو ۽ پوءِ اها رقم 50 لک رپين تائين وڃي پهتي.

ان تي فواد چوڌري ۽ شهباز گل جي ردعمل کانپوءِ جهانگير ترين به خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ هن چيو آهي ته مان نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جيتري حد تائين ٿي سگهي تحريڪ انصاف جي مدد ڪئي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان سان منهنجا ڀلي ڪهڙا به لاڳاپا هجن پر سچ ڳالهائڻ گهرجي، مان ڪڏهن به بني گالا جي رهائشي خرچن لاءِ هڪ رپيو به نه ڏنو.

Read Previous

يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ عورت پروفيسر جو شهباز گل کان ڊگري وٺڻ کان انڪار

Read Next

آريان خان کي عدالت کان وڏو رليف ملي ويو

Most Popular