آريان خان کي عدالت کان وڏو رليف ملي ويو

بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جو پٽ ۽ منشيات ڪيس جو جوابدار آريان خان کي عدالت کان وڏو رليف ملي ويو.

آڪٽوبر ۾ منشيات ڪيس ۾ گرفتار ۽ پوءِ آزاد ٿيل آريان خان کي بومبي هاءِ ڪورٽ ان شرط تي ضمانت ڏني هئي ته هو هر جمعي جي ڏينهن نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي ممبئي واري آفيس ۾ حاضري لڳائڻي پوندي. پر هاڻ عدالت ضمانت جو اهو شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو فيصلو اڄ بومبي جي هاءِ ڪورٽ کان آيو آهي، عدالت چيو ته جڏهن به اسپيشل انويسٽيگيشن (خاص جاچ جي) ٽيم آريان خان کي طلب ڪندي ته کيس پاڻ دهلي اچي پيش ٿيڻو پوندو.

Read Previous

وجيهه الدين جي عمران خان بابت بيان تي جهانگير ترين جو ردعمل به اچي ويو

Read Next

شھيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي اينڊ اينمل سائنس ۾ مبينا طور ٿيل ڀرتين خلاف سڪرنڊ جي سياسي سماجي ڌرين توڙي سول سوسائٽي سراپا احتجاج بنجي وئي آھي

Most Popular