شھيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي اينڊ اينمل سائنس ۾ مبينا طور ٿيل ڀرتين خلاف سڪرنڊ جي سياسي سماجي ڌرين توڙي سول سوسائٽي سراپا احتجاج بنجي وئي آھي

سڪرنڊ:رپورٽ شھيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي اينڊ اينمل سائنس ۾ مبينا طور ٿيل ڀرتين خلاف سڪرنڊ جي سياسي سماجي ڌرين توڙي سول سوسائٽي سراپا احتجاج بنجي وئي آھي، ان سلسلي ۾ اڄ آل پارٽيز الائينس پاران ايس يو پي جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو ٻن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آھي، احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ تي ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ،قربان مگسي شھمير جمالي پي ٽي آئي جي نثار پرهياڙ حاڪم جمالي جسقم جي مسعود شاھ علڻ سنڌي، سنڌ سجاڳ فورم جي پ پ شھيڊ ڀٽو شوڪت ڀاڻوجو نوجوان فلاحي فورم جي نور احمد رند عوامي تحريڪ جي اختر خاصخيلي رند اتحاد جي سرور رند سميت ٻين پھچي سخت احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سڪرنڊ ۾ ڪافي پڙھيل بي روزگار نوڪرين لاء پريشان آھن جڏهن ته هتان جي مقامي ماڻھن سان نا انصافي ڪري يونيورسٽي ۾ ميرٽ جي مڪمل لتاڙ ڪندي هڪ ته ٻاهريان ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا آھن، ٻيو ته هتان جي سياسي آشيرواد تي سفارشي ۽ نا اهل ماڻھو ڀرتي ڪري حقدارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هنن مطالبو ڪيو ته مبينا طور سفارش ۽ رشوت عيوض ڀرتي ڪيل ماڻھن جا آرڊر فوري طور ڪينسل ڪري قانوني طريقي سان ڀرتيون نه ڪيون ويون ته سڪرنڊ جا شھري احتجاج جاري رکندا ۽ يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي قدم خلاف عدالت جو در به کڙڪايو ويندو

Read Previous

آريان خان کي عدالت کان وڏو رليف ملي ويو

Read Next

منهنجي ڪيس جي غلط رپورٽنگ ڪئي وئي: ميشا شفيع

Most Popular