ملائيشيا ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي، 18 ڄڻا فوت

ملائيشيا ۾ ٻيڙي ٻڌي وڃڻ سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻيڙي ۾ 50 ڄڻا سوار هئا.

ملائيشيا جي صحت واري وزارت موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو حادثو تي تينجنگ بلاءُ جي سامونڊي علائقي ۾ پيش آيو، حادثي جو شڪار ٻيڙي ۾ 50 غير قانوني مهاجر سوار هئا، ٻڏي ويل 14 ڄڻن کي بچايو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ هو ته ٻيڙي خراب موسم سبب ٻڏي وئي، ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري آهي. ريسڪيو آپريشن ۾ 133 اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن. تيز هوائون ۽ تيز برساتون آپريشن ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

Read Previous

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

Read Next

برطرفي خلاف نظرثاني اپلون خارج، 16 هزار سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم

Most Popular