پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

پاڪستان ويسٽ انڊيز کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

پاڪستان 208 رنسن جو وڏو هدف سولائي سان 19هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، محمد رضوان 87 ۽ بابر اعظم 79 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪيو آهي.

Read Previous

شڪيرا جي مداحن لاءِ خوشخبري

Read Next

ملائيشيا ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي، 18 ڄڻا فوت

Most Popular