گوگل ڪروم واهپيدارن لاءِ خطرناڪ وارننگ جاري

سائبر سيڪيورٽي ماهرن گوگل ڪروم واهپيدارن لاءِ انتهائي خطرناڪ الرٽ جاري ڪيو آهي.

جيڪڏهن اوهان گوگل ڪروم استعمال ڪندا آهيو ته ان الرٽ بابت ڄاڻڻ اوهان لاءِ به ضروري آهي ڇو جو ماهرن ڪروم ۾ اهڙن سيڪيورٽي نقصن جي نشاندهي ڪئي آهي جن جو هيڪر سولائي سان فائدو وٺي سگھن ٿا.

ڀارت جي انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي ماتحت اداري ڪمپيوٽر ايمرجنسي رساپنس ٽيم (سي اي آر ٽي-آءِ اين) طرفان به واهپيدارن لاءِ سنگين نوعيت جو پيغام جاري ڪيو آهي.

ان پيغام ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪروم ۾ شامل ڪوڊز ذريعي هيڪرز ڪنهن به واهپيدار کي سولائي سان نشانو بڻائي سگھن ٿا ۽ ذاتي نوعيت جي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري سگھن ٿا.

سائبر ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪروم ۾ هڪ اهڙي وي 8 نالي اسپائي ويئر مالور آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن به ڪمپيوٽر کي سولائي سان هدف بڻائي سگھجي ٿو.

ٻي پاسي گوگل به ڪروم ۾ موجود 22 سيڪيورٽي نقصن کي ختم ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان جي جاچ ٽيم نئين  ورجن ۾ انهن سمورين شڪايتن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪرائڻ جو تياريون

Read Next

پي پي پاڻ مهانگائي ڪري پاڻ ئي احتجاج پئي ڪري، هن چيو ته پ پ وارن جو ساڳيو مثال موالين وارو آهي

Most Popular