پي پي پاڻ مهانگائي ڪري پاڻ ئي احتجاج پئي ڪري، هن چيو ته پ پ وارن جو ساڳيو مثال موالين وارو آهي

مٽياري رپورٽر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي معاملن بابت وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي اڏيرولال اسٽيشن جي سماجي اڳواڻ محمد اقبال ساهووال جي آجياڻي ۾ آمد ۽ پي ٽي آئي آفيس جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ جو ماڻهو مهانگائي جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي، هن چيو ته پي پي پاڻ مهانگائي ڪري پاڻ ئي احتجاج پئي ڪري، هن چيو ته پ پ وارن جو ساڳيو مثال موالين وارو آهي، جيڪي منشيات به پاڻ وڪرو ڪن ۽ احتجاج به پاڻ ڪن. هن چيو ته سنڌ ۾ شگر ملون ڪنهن جون آهن. هن چيو ته آئون اوهان کي ٻڌايان ته سنڌ ۾ شگر ملون به زرداري جون آهن، سنڌ ۾ هر شئي تي ڪنٽرول پي پي وارن جو آهي ته مهانگائي جا ذميوار به هو پاڻ آهن. هن چيو ته ڪڻڪ، ٽماٽا، بصر سڀ جا سڀ پ پ وٽ آهن، هن چيو ته پوءِ به سنڌ جو ماڻهو ڳالهه کي سمجهي ڪونه ٿو. هن چيو ته پ پ جي بيڊ گورننس سبب سنڌ ۾ گورنر راڄ کي دعوت پئي ملي، هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ به لڳي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ ارباب غلام رحيم چيو ته جيڪڏهن پارٽي سنڌ ۾ گورنر جون ذميواريون ڏنيون ته ان کي بعد ۾ ڏٺو ويندو، هن چيو ته في الحال موجوده گورنر سٺو ڪم پيو ڪري، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن عمر ۾ سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ رُلان پيو. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته حليم عادل سان اختلاف هجن يا نه پر اسلام ۾ به واضح آهي ته اختلاف راءِ رکڻ گهرجي، هن چيو ته پارٽي ۾ اختلاف رکڻ جمهوري حق آهي.ان موقعي تي ساڻس گڏ اويس گل ميمڻ، ڊاڪٽر شرافت سمون، زبير قمبراڻي، صدام رسول درس، نعمان خلجي، ڊاڪٽر نرگس ناز، محمد جمن ساهووال، زبير احمد ساهووال، سڌير ساهووال، محمد اقبال ساهووال، چمن ڇٽو، سنتوش ڪمار، جاويد خاصخيلي، اڪبر ڇٽو سميت پي ٽي آئي جا ڪارڪن ساڻس گڏ هئا.

Read Previous

گوگل ڪروم واهپيدارن لاءِ خطرناڪ وارننگ جاري

Read Next

اسلام کي دهشتگردي سان جوڙڻ غلط آهي، افغانستان جي بنا دير مدد ڪرڻي پوندي: وزيراعظم

Most Popular