اسلام کي دهشتگردي سان جوڙڻ غلط آهي، افغانستان جي بنا دير مدد ڪرڻي پوندي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ افغانستان کان وڌيڪ مسئلا ناهن ڏٺا ۽ افغانستان جي حالتن سبب سڀ کان وڌيڪ پاڪستان نقصان برداشت ڪيو.

او آ ءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 41 سالن بعد او آءِ سي جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، معزز مهمانن کي شرڪت تي پاڪستان ڀليڪار چئي ٿو.

هن چيو ته جيتريون ڏکيائيون افغانستان برداشت ڪيون آهن، ايتريون ڪنهن به ناهن ڪيون، افغانستان 4 ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني جانيون ضايع ٿيون.

عمران خان چيو ته افغانستان ۾ سالن جا سال ڪرپٽ حڪومتون رهيون، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، بئنڪن جو نظام ٺيڪ ناهي، اتي هن وقت صورتحال انتهائي سنگين آهي، افغانستان ۾ عورتن ۽ انساني حقن جي معاملن کي حساسيت سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جي مدد ڪرڻ اسان جي مذهبي ذميواري آهي، فوري ايڪشن کڻڻو پوندو، هي افغانستان جي بقا جو سوال آهي.

سندس چوڻ هو ته افغانستان جي عوام جي فوري طور مدد ڪرڻي پوندي، هڪ مضبوط افغانستان ئي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، اميد آهي ته او آءِ سي افغان امن جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، فلسطين ۽ ڪشمير جو عوام به اسان طرف ڏسي  رهيو آهي، اسان کي هر فورم تي انهن جي لاءِ به آواز اٿارڻو پوندو.

وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا اهم مسئلو آهي، نائن اليون کانپوءِ اسلامو فوبيا جي لهر ۾ شدت آئي، اسلام کي دهشتگردي سان جوڙڻ حقيقت جي ابتڙ آهي، ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت ناهي ڏيندو، اسلام هڪ آهي ۽ اهو اسلام اسان جي پياري نبي صه جو آهي، اسان کي اسلام جي حقيقت کي اجاڳر ڪرڻو  پوندو.

هن چيو او آءِ سي جي ذميواري آهي ته اسلام جي حقيقت کي وائکو ڪري، اسان کي اسلام مخالف پروپئگنڊا جي تدارڪ جي لاءِ اثرائتو آواز اٿارڻو پوندو، پاڪستان ۾ رحمت اللعالمين اٿارٽي جو مقصد پاڻ سڳورن صه جن جي تعليم کي دنيا ۾ اجاڳر ڪرڻ آهي.

Read Previous

پي پي پاڻ مهانگائي ڪري پاڻ ئي احتجاج پئي ڪري، هن چيو ته پ پ وارن جو ساڳيو مثال موالين وارو آهي

Read Next

خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

Most Popular