خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

A tribesman casts his vote while others waiting their turn during an election for provincial seats in Jamrud, a town of Khyber district, Pakistan, Saturday, July 20, 2019. Pakistan’s northwestern tribal areas are holding their first-ever provincial elections. The seven tribal areas were merged last year as tribal districts into the northwestern Khyber Pakhtunkhwa province. Before that, the tribal areas were federally administered, and residents could only vote in the national assembly. (AP Photo/Muhammad Sajjad)

خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.

مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جاري رهي، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.

صوبي جي قبيلائي ضلعن جا ماڻهو تاريخ ۾ اڄ پهريون ڀيرو پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ گهرن مان نڪتا.

جن ضلعن ۾ اڄ مڪاني چونڊون ٿيون، انهن ۾ پشاور، نوشهرا، چارسدا، مردان، صوابي، ڪوهاٽ، خيبر، مهمند، هنگو، بنون، ڪرڪ، لڪي مروت، ڊيرا اسماعيل خان، هري پور، بونير، ٽانڪ ۽ باجوڙ شامل آهن.

مڪاني حڪومتن جي چونڊن لاءِ 9 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون ۽ تقريبن 29 هزار پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا، جن مان 2 هزار 500 کان وڌيڪ کي انتهائي حساس ۽ 4 هزار 100 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو.

مجموعي طور 19 هزار 282 اميدوار 2 هزار 359 وليج ۽ نيبرهڊ ڪائونسلز ۾ جنرل سيٽن تي چونڊ وڙهي رهيا هئا، جڏهن ته وي سي اين سيز جي ايترين ئي سيٽن لاءِ عورت اميدوارن جو انگ 3 هزار 905 هو.

اهڙي ريت هارين ۽ مزدورن جي سيٽن لاءِ 7 هزار 513، نوجوانن لاءِ 290 ۽ اقليت لاءِ 282 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته 17 ضلعن جي 63 تعلقي ڪائونسلز جي ميئر يا چيئرمين جي سيٽن لاءِ 689 اميدوار به ميدان ۾ هئا.

مڪاني حڪومتن جي چونڊن جي پهرئين مرحلي دوران هڪ ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽرن کي اميدوارن جي قسمت جو فيصلو ڪرڻو هو، انهن ووٽرن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مرد ۽ 56 لک کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.

مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ 2 هزار 32 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن.

Read Previous

اسلام کي دهشتگردي سان جوڙڻ غلط آهي، افغانستان جي بنا دير مدد ڪرڻي پوندي: وزيراعظم

Read Next

آمريڪا غلط اطلاعن تي هزارين عام شهرين کي قتل ڪيو، ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف

Most Popular